سنڌي سنگت

سنڌي سنگت

سنڌي سنگت

سنڌي سنگت: سنڌي سنگت هندستان ۾ رهندڙ سنڌين جي پاران سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ ادب جي واڌاري لاءِ جاکوڙيندڙ غير سرڪاري، غير سياسي تنظيم آهي. هن تنظيم جو بنياد هند جي هاڪارن سنڌي اديبن مريج منگهاڻي، ڊاڪٽر موتي پرڪاش ۽ آشا چاند وڌو. هي ٽيئي شخصيتون هندستان ۾ سنڌيت جي پرچار ۽ پنهنجي ورثي جي واڌاري ۽ حفاظت ڪرڻ ۾ اڳريون رهيون آهن. مريج منگهاڻي انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي جو حال ۾ چيئرمين، موتي پرڪاش بين الاقوامي سطح تي تعليم جو مڃيل عالم ۽ ساڌو هيرا نند اسڪول آديپور جو حال ۾ پرنسپال آهي، جڏهن ته آشا چاند سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ پتوڙيندڙ سماجي اڳواڻ آهي. سندري اتمچنداڻي ۽ اي. جي اتم سندس والدين آهن هن وقت هندستان ۾ ويهي به سنڌ جي قديم ورثي جي سنڀال ۽ ان کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.
سنڌي سنگت پاران هند ۾ جنم وٺندڙ نئين ٽهيءَ ۾ سنڌي ٻولي ڏانهن انسيت پيدا ڪرڻ جو ذمو پنهنجي سر کنيو ويو آهي. هن تنظيم ان سري ۾ سنڌي سرهاڻ ٽي. وي جو بنياد رکيو آهي، جنهن تان هفتي ۾ 30 منٽ دوردرشن جي عنوان سان ڊي. ڊي گجراتي ۽ ڊي. ڊي انڊيا چئنلن ذريعي ٽيليڪاسٽ ڪرڻ شروع ڪيا ويا آهن. جنهن تان سنڌي ۾ موسيقي، وڊيو گيت ۽ ٻيا تفريحي پروگرام پيش ڪيا وڃن ٿا. سنڌي سرهاڻ ٽي. وي، ڊي. ڊي انڊيا معرفت 146 ملڪن ۾ ڏسجي ٿو. ان کان علاوه سنڌي سنگت پاران ٽيلي فلمون وغيره پڻ فلمايون ويون آهن، جيڪي هند سميت سنڌ مان ڪي. ٽي. اين ۽ ٻين چئنلن تان آن ايئر ٿينديون رهن ٿيون.
سنڌي سنگت جي پليٽ فارم تان هندستان سرڪار کي ڪل وقتي سنڌي چينل کولڻ لاءِ پڻ مطالبا ڪيا ويا آهن، جيڪي پڻ هند سرڪار جي غور و فڪر هيٺ آهن.
سنڌي سنگت تنظيم جي انٽرنيٽ تي ويب سائيٽ www.sindhisangat.com پڻ آهي، جنهن تان سنڌي چئنل جي ضرورت ۽ افاديت متعلق هندستان سرڪار کي استدعائون ڪيون وڃن ٿيون. ان کان سواءِ ويب سائيٽ تي سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت بابت مضمونن سميت تفريحي پروگرامن، ٽيلي فلمن وغيره جون وڊيو موويز پڻ رکيل آهن.
هن ويب سائيٽ ذريعي سنڌي سنگت پاران سنڌيت جي پرچار وسيع پئماني تي ڪئي پئي وڃي. سنڌي سنگت پاران ويب سائيٽ تي سنڌيت جي تشهير ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڪارائتا مضمون رکيا وڃن ٿا: سنڌي ڀل سلامت رهي، ڏوهه ٻارن جو ڪونهي، ڀاشا نديءَ جي ڌارا، ڪارن ڪڪرن ۾ چانديءَ جي ليڪ وغيره اهم آهن.
سنڌي سنگت پاران سنڌيت متعلق ڪيترائي سيمينار، ويهڪون پڻ ڪرايون ويون آهن، جن ۾: سنڌيت جي شام (ڊسمبر 2012ع)، سنڌيت جو سڏ (نومبر 2011ع)، سنڌيت جي موج نومبر 2010ع وغيره شامل آهن. هن سيمينارن ۽ ويهڪن ذريعي هندستان ۾ رهندڙ سنڌين اندر جاڳرتا ڦهلائي وئي، جنهن جا مثبت نتيجا مليا آهن.
سنڌي سنگت جي پليٽفارم تان ڪيترا مزاحيه ۽ ٽريجڊي سنڌي ڊراما رليز ٿيل آهن، جن ۾: ’بابا مان شادي نه ڪندس‘ (آڪٽوبر 2009ع)، ’هو جمالو موسيقي پروگرام‘ (ڊسمبر 2008ع)، ’تون ۽ مان‘ (اصلوڪو سنڌي ڊرامو: نومبر 2006ع- زي. ٽي. وي تي هليل)، ’جهنڪار‘ (سنڌي ناچ ۽ موسيقيءَ جو پروگرام نومبر 2007ع، زي. ٽي. ٽي تي هليل)، ’سرهي شام سنگيت جي‘ (مارچ 2006ع)، ’ولايتي گهوٽ جي ڳولا‘
(سنڌي ٽيلي فلم: جنوري 2006ع)، ’پريت نه ڄاڻي ريت‘ (مارچ 2005ع)، ’سرهاڻ سنڌيت جي‘ (اپريل 2004ع)، ’انعام سنڌي پلي‘ (جنوري 2003ع)، ’ممي رٽائر ٿي ڪري‘ (جنوري 2003ع)، ’سنڌيت جو احساس‘ (سنڌي ميوزيڪل ڪنسرٽ: فبروري 2002ع، ’عابده پروين‘ (لائيو ان ڪنسرٽ: اپريل 2001ع)، ’توهان ته اهڙا جا اهڙا‘ (مئي 2000ع)، ’پوپري، ڦاٿاسين ته ڦٿڪڻ ڪهڙو‘ (مزاحيه ڊرامو). ان کان سواءِ ’چور آيو‘، ’دولت جي سکيا‘، ’ڪا ته گڙٻڙ آهي‘ ۽ ’پهريون پيار‘ وغيره ڊراما آشا چاند جا پروڊيوس ڪيل آهن.
سنڌي سنگت کي هند توڙي سنڌ ۾ علمي، ادبي حلقن توڙي سماجي سطح تي وڏي پذيرائي حاصل آهي. هن تنظيم جي پليٽفارم تان سنڌيت جو فڪر ڦهلائي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وڏي خدمت ڪئي پئي وڃي.


لفظ سنڌي سنگتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو